ٻورڙي (ديهه)

ٻورڙي: ھن نالي سان ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ھڪ ديھه آهي، جنھن ۾ ھيٺيان ڳوٺ شامل آھن: ٻورڙي، بھار واھڻ، شھمير واھڻ، ’ويرناٿ‘، ’بلاول ننگر‘، ’حيدر پنر‘، ’محمد رمضان بلوچ‘ ۽ ’روضي ڪلوئي‘ سنڌ جو مشھور تعليمدان، قانوندان ۽ سماج سڌارڪ، بئرسٽر نور محمد لاکير، جنھن حيدرآباد ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول جو پايو وڌو. سو اصل ھن ڳوٺ جو ھو. ھيءُ ھڪ تاريخي ڳوٺ آھي، سيد ۽ انصاري مشھور ذاتيون رهن ٿيون .


هن صفحي کي شيئر ڪريو